My WordPress Blog

شين جا سرڪاري اگھه ڄاڻڻ لاءِ ”درست دام سنڌ“ ايپ متعارف

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت ”نيشنل انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ“ (اين آءِ ٽي بي) جي ڀائيواري سان کائڻ پيئڻ جي شين جا سرڪاري اگھه ڄاڻڻ لاءِ واهپيدارن جي سهولت لاءِ ”درست دام سنڌ“ نالي ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.”درست دام“ نالي ايپ کي اين آءِ ٽي بي انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي سهڪار سان پهريون ڀيرو آڪٽوبر 2019ع ۾ اسلام آباد جي شهرين جي سهولت لاءِ متعارف ڪرايو هو. اسلام آباد ۾ ان جي ڪاميابي کان پوءِ 2020ع ۾ ان کي بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف شهرن لاءِ به پيش ڪيو ويوهو. هاڻ ان کي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان صوبي جي مختلف شهرن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، پر ايپ کي سڄي صوبي لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو. ڄاڻايل ايپ کي شروعاتي طور تي صوبي جي رڳو ٽن شهرن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. ايپ کي اتر سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي کانسواءِ بدين ۽ دادو ضلعي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ايپ ۾ شهري روزانو جي بنيادن تي کائڻ پيئڻ جي شين جا سرڪاري اگھه ڄاڻي سگھندا ۽ انهيءَ ايپ تي شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن جي شڪايت به داخل ڪرائي سگھندا. حڪومت جي دعويٰ آهيته ايپ تي شڪايت داخل ڪندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڳجهي رکي ويندي. ان ايپ کي سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ به متعارف ڪرايو ويندو. ان ايپ کي گوگل پلي اسٽور تان دائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.