سنڌ حڪومت گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي تعليمي ادارن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان پهرين جون کان گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٻن مهينن جون موڪلون 31 جولاءِ تائين هونديون. تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي موجب گرمين جو موڪلون ڏنيون پيون وڃن، اهو فيصلو سڄي صوبي جي سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن تي لاڳو ٿيندو.