My WordPress Blog

سراج الحق جي قافلي تي آپگهاتي حملو

0

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي.جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل امير العظيم موجب سراج الحق تي بلوچستان ۾ آپگهاتي حملو ٿيو آهي ۽ حملي آور مارجي ويو آهي.هن چيو ته سراج الحق ۽ ٻيا ساٿي محفوظ آهن.جماعت اسلامي موجب جماعت اسلامي امير قافلي جي صورت ۾ وڃي رهيو هو ته آپگهاتي حملي آور ڌماڪو ڪيو.جماعت اسلامي جا 7 ڪارڪن زخمي ٿيا آهن، 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پوليس تصديق ڪئي آهي ته زوب ۾ سراج الحق جي قافلي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي ۽ ڌماڪي ۾ جماعت اسلامي امير سراج الحق محفوظ رهيو.زوب ۾ اڄ جماعت اسلامي جو جلسو ه و ۽ سراج الحق کي خطاب ڪرڻو هو

Leave A Reply

Your email address will not be published.