زمان پارڪ مان گرفتار شرپسند ڪنهن کان هدايتون وٺندا رهيا؟ جاچ ۾ اهم انڪشاف
لاهور (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن زمان پارڪ مان گرفتار 8 شڪي شرپسندن پڇا ڳاڇا دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن. ذريعن موجب گرفتار 8 شرپسندن پي ٽي آءِ جي اهم ليڊرشپ سان رابطن جو اعتراف ڪيو آهي، سڀني شرپسند ليڊر شپ کان هدايتنو وٺندا رهيا ۽ سڀني جوابدارن جا پارٽي اڳواڻن سان فون نمبر اٽيچ ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار بخت عالم شانگلا ۽ ممتاز مردان واسي آهي، اهي ٻئي خيبر پختونخواهه ۾ پارٽي اڳواڻن سان رابطي ۾ هئا، سوات جو عبدالغني به ڪي پي مان هدايتون وٺندو رهيو، جڏهن ته مصري شاهه جي اعجاز، اڇرا جي عبدالغفور ۽ شاهدرا جي زوهيب کي اعجاز چوڌري هدايتون ڏئي رهيو هو. ذريعن موجب شاليمار جو نبيل ۽ سيالڪوٽ جو حنزله به مسلسل هدايتون وٺي رهيا هئا، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته انهن ڏنڊا ٽمبر مارڪيٽ مان ٺهرائي رکيا هئا.