My WordPress Blog

جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪيان ٿو، ان سان ملڪ جي بدنامي ٿي: عمران خان

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان پاڪستان جي بدنامي ٿي ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو نه ٿيڻ گهرجي ها. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ غير رسمي گفتگو دوران صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته جناح هائوس تي ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪيو ٿا؟ جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪيان ٿو، اڳ به ڪئي ۽ هر پاڪستاني مذمت ڪري رهيو آهي، ان سان ملڪ جي بدنامي ٿي، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو نه ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته مان ميڊيا کي پنهنجو گهر کولي ڏيکاري ڇڏيو، دهشتگرد هجڻ جي ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناهي، پي ڊي ايم جي قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان ملڪ جي بدنامي ٿي. سندس چوڻ هو ته خوف جي فضا ۾ ملڪ نٿو هلي سگهي، 7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم پاڻ ڦاسي پئي آهي، ان ئي بنياد تي چيو هو ته هڪ هفتي ۾ معاملا درست ٿي ويندا. عمران خان وڌيڪ چيو ته جنهن جماعت جو ووٽ بئنڪ هجي، ان کي هارائي نٿو سگهجي، ايترا ووٽ بئنڪ رکندڙ جماعت ۾ ڪنهن جي اچڻ وڃڻ سان ڪو فرق نٿو پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هڪ طرفيون ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، اسان ته 11 مهينن کان ڳالهين جو چئي رهيا آهيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.