جمائما جي پٽن جي حوالي سان سوشل ميڊيا واهپيدارن کي آگاهي
لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي پروڊيوسر ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي ٻنهي پٽن جي جعلي ميڊيا اڪائونٽس جي حوالي سان پاڪستانين کي خبردار ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي فرزانا امجد نالي واهپيدار جمائما کان سليمان خان ۽ قاسم خان جي نالن جي اڪائونٽس جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي انهن جي جعلي يا اصلي هجڻ جي تصديق گھري هئي. فرزانا جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ جمائما بلو ٽڪ بحالي تي ايلون مسڪ جا ٿورا مڃيا ۽ ٽوئيٽ ڪيو ته جعلي اڪائونٽس کي منهنجي ٻارن سان سلهاڙيو پيو وڃي، اهي اڪائونٽس سياسي ايجنڊا تحت جعل سازن ٺاهيا آهن، اهو بلڪل اهو ئي معاملو آهي جنهن جو مون کي ڊپ هو جڏهن ته ٽوئيٽر ويريفڪيشن بلو ٽڪ کي هٽائي ڇڏيو هو. جمائما لکيو ته اوهان جي اطلاع لاءِ ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجا ٻار سوشل ميڊيا تي ناهن ۽ نه ئي سوشل ميڊيا تي هنن جو ڪو ارادو آهي.