اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ٽرپل سينچري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ٽرپل سينچري ڪري ڇڏي ۽ هڪ ڊالر 301 رپين جو ٿي ويو. ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 2 رپيا واڌ سان 301 رپيا ٿي ويو آهي. هوڏانهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 20 پئسا وڌڻ کانپوءِ 285 رپيا 82 پئسا آهي. انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 285 رپين 62 پئسن تي بند ٿيو هو.“