نو مئي واقعا، سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاجي مظاهرن ۾ جن ماڻهن جون موٽر سائيڪلون ساڙيون ويون، سنڌ حڪومت انهن کي نيون موٽر سائيڪلون ڏيندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته موٽر سائيڪلن جا پئسا انهن ئي دهشتگردن کان وصول ڪيا ويندا، دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.هن چيو ته 9 مئي جي واقعن پويان پي ٽي آءِ قيادت هئي، عمران خان اداري تي الزام هنيو پر وڊيوز ۾ ان جا ماڻهو نظر اچي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته پوليس وارن تي تشدد ڪيو ويو، بدترين طريقي سان ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، ان جو حساب ڪير ڏيندو؟ ڇا انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيون؟