My WordPress Blog

ڪراچي جو ميئر ڪير هوندو؟ مراد علي شاهه اشارا ڏئي ڇڏيا

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي جي ميئر بابت لڪل اشارا ڏئي ڇڏيا. پريس ڪانفرنس دوران مراد علي شاهه چيو ته ميئر هن ئي ڪمري ۾ آهي، پاسي ۾ مرتضيٰ وهاب، شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه موجود هئا. وڏي وزير صحافين ڏانهن اشارو ڪري چڪو ته توهان به ميئر ٿي سگهو ٿا. هوڏانهن پ پ جي مرڪزي قيادت جو چوڻ آهي ته پارٽي طرفان ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ڪنهن جو به نالو اڃا تائين فائنل ناهي ٿي سگهيو. پ پ وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر موجب ان حوالي سان اميدوارن جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.