پي ٽي آءِ جي وڌيڪ هڪ وڪيٽ ڪِري پئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ڊاڪٽر امجد به پارٽي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر امجد پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، هو ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات سان گڏوگڏ عمران خان جو ٽريڊ يونينز بابت فوڪل پرسن ۽ سينٽرل ڪور ڪميٽي جو ميمبر به هو. هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي ڪم سان ملڪ جو عوام پريشان ٿئي ته اهو درست ناهي، انصاف ۽ اصول پسندي پاڻ تحريڪ انصاف ۾ ناهي، ڪجهه ماڻهن عمران خان کي گهيري ۾ ورتو آهي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي تي دهشتگردي جا واقعا ٿيا، اسان شهيدن جي تصويرن ۽ يادگارن تي حملا ڪيا.