My WordPress Blog

پنجاب حڪومت جي ڊيڊ لائن ختم، پوليس زمان پارڪ ۾ آپريشن لاءِ تيار

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي ادارا الرٽ آهن ۽ گرفتارين لاءِ آپريشن جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. گذريل ڏينهن نگران حڪومت جي اطلاعات واري وزير عامر مير تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي زمان پارڪ ۾ موجود ماڻهن کي پوليس حوالي ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيندي چيو هو ته لاهور ۾ عسڪري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ 30 کان 40 ماڻهو زمان پارڪ ۾ موجود آهن، جيڪڏهن انهن کي پوليس حوالي نه ڪيو ويو ته ڪارروائي ٿيندي. پنجاب حڪومت طرفان ڏنل ڊيڊ لائن ختم ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس کي الرٽ رکيو ويو آهي ۽ زمان پارڪ ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کانپوءِ حڪمت عملي تي غور ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب زمان پارڪ ويندڙ رستا مڪمل طور بند آهن ۽ پوليس جي وڏي نفري زمان پارڪ جي چئني پاسن کان موجود آهي. آءِ جي پنجاب ۽ سي سي پي او لاهور پوليس کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي، پوليس لائنز قلعي گجر سنگهه ڀرسان ڪنٽينر پهچايا ويا آهن ۽ علائقي واسين کي سڃاڻپ کانپوءِ داخلا جي اجازت ڏني پئي وڃي. پنجاب پوليس جو موقف آهي ته فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ڪيترائي دهشتگرد زمان پارڪ ۾ موجود آهن، جن کي گرفتار ڪرڻو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.