My WordPress Blog

نيب قانون آئين سان ٽڪراءُ آهي، پيش نٿو ٿي سگهان: عمران خان جو طلبي نوٽيس تي جواب

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان نيب ۾ طلبي جي نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو آهي ته نيب قانون آئين سان ٽڪراءُ آهي، تنهن ڪري پيش نٿو ٿي سگهان. نيشنل ڪرائم ايجنسي برطانيا جي 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ نيب عمران خان کي طلبي جو نوٽيس ڏنو هو. طلبي نوٽيس تي عمران خان پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانتون ڪرائڻ لاءِ لاهور ۾ آهيان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 22 مئي تائين ڪيسن ۾ ضمانتن لاءِ وقت ڏنو آهي. هن چيو ته نيب انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم غير قانوني آهي، نيب قانون آئين سان ٽڪراءُ آهي، تنهن ڪري پيش نٿو ٿي سگهان. عمران خان جواب ۾ نيب کي انڪوائري رپورٽ موڪلڻ جي به درخواست ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.