مردم شماري تي خدشا آهن، پنهنجي حصي جو پاڻي به نه پيو ملي: مراد علي شاهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مان پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان مردم شماري درست نه پئي ٿئي، مون کي مردم شماري تي خدشا هئا ۽ آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پنجاب کانسواءِ هر هنڌ مردم شماري 15 مئي تي ختم ٿي وئي، اسان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ائين ڇو ڪيو ويو؟ چيو پيو وڃي ته پنجاب جي گروٿ ايتري آهي. سندس موجب مان وفاقي وزير احسن اقبال سان ڳالهائي کيس خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، مردم شماري جي حوالي سان مختلف ضلعن مان شڪايتون آيون آهن ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڳڻپ ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته اسان سان ڪهڙو ڀوڳ ڪيو پيو وڃي؟ اسان جي آبادي ڪيتري آهي ۽ اسان کي ڪيترو ڳڻيو پيو وڃي، جيڪڏهن مردم شماري جاري رکڻي آهي ته سڄي پاڪستان ۾ رکو، اسان کي احساس به برابري گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي مڪمل ڳڻيو وڃي، ڇو ته ڏينهن وڌائڻ سان اسان خوش نه ٿينداسين، سنڌ جي آبادي وڌيڪ آهي پر غلط ڳڻيو ويو آهي، اسان سان زيادتي ٿي رهي آهي، جيستائين درست نه ڳڻيو ويندو نتيجا قبول نه ڪنداسين. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نه پيو ملي، اسان 40 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ٻوڏ ايندي آهي ته سڀ کان اڳ سنڌ ٻڏندي آهي، سوڪهڙو به سنڌ ۾ ئي ايندو آهي.