My WordPress Blog

عمران خان کي 9 مئي جي واقعن جي کليل نموني مذمت ڪرڻ گهرجي: صدر عارف علوي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان کي 9 مئي جي واقعن کي کليل نموني مذمت ڪرڻ گهرجي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي به ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪارروائي ۾ انساني حقن جو خيال رکڻ گهرجي، مارڪٽ نه ٿيڻ گهرجي، ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرري جي مخالفت نه ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.