عمران خان کي بچائڻ لاءِ جمائما سرگرم، ملڪ رياض سان رابطو
لاهور ( ويب ڊيسڪ) تحريڪا نصاف دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي ويجهي دوست عقيل ڪريم ڊيڊي زمان پارڪ پهچي عمران کي اسٽيبلشمينٽ جو پيغام پهچايو آهي ته اوهان معاهدو ڪري پرڏيهه هليا وڃو جيئن مشرف دور ۾ نواز شريف معاهدو ڪري سعودي عرب هليو ويو هو، پر عمران خان اهو مشورو رد ڪري ڇڏيو آهي. تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 16 مئي تي رات جو اٽڪل 8 ۽ 9 وڳي ڌاري واقعي وڏي واپاري شخصيت عقيل ڪريم ڊيڊي زمان پارڪ پهتو هو. ان سلسلي ۾ جڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي سگهارين شخصيتن سان رابطو ڪيو ويو ته اشارن اشارن ۾ ٻڌايو ويو ته پيغام اهو ٿي سگهي ٿو ته اوهان پاڻ پيش ٿيندا يا ”ڪارا ڊالا“(ويگو) موڪلڻا پوندا. ڇو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ خلاف جيڪا سازش ڪئي هئي. ان جا ايڏا پختا ثبوت ادارن کي هٿ آيا آهن جن جي ترديد ناممڪن آهي. اهڙي شخصيت کي رعايت ڪيئن ملي سگهي ٿي. دراصل اها به پي تي آءِ جي پروپيگنڊا ٿي سگهي ٿي، ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته جمائما گولڊ اسمٿ به عمران خان کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ ان ملڪ رياض ذريعي ان سلسلي ۾ ڪوششون شروع ڪيون آهن جنهن کانپوءِ ملڪ رياض جي چوڻ تي عقيل ڪريم ڊيڊي سرگرم ٿيو آهي. ڇو ته هن وقت ملڪ رياض عالمي اسٽيبلشمينٽ جو مقامي نمائندو آهي. اهو به اطلاع آهي ته حسين نواز جا به جمائما سان سٺا لاڳاپا آهن. پر ان ۾ حسين نواز جو ڪو ڪردار آهي يا نه ان جي تصديق نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪاروباري مفادن تحت هو به ڪو ڪردار ادا ڪري ڇو ته برطانيا مان جيڪي 60 ارب رپيا ملڪ رياض جا پڪڙي پاڪستان اماڻيا ويا هئا ان ڪهاڻيءَ ۾ حسين نواز جو به ڪنهن به ڪنهن حوالي سان نالو اچي رهيو آهي. جيڪڏهن جمائما اها خاطري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ته عمران خان انگلينڊ اچي خاموشي سان پر سڪون زندگي گذاريندو ته پوءِ ملڪ رياض جو جهاز ته تيار آهي. ان ڪري اهي ڪوششون يا آڇ اسٽيبلشمينٽ جي نه پر جمائما جي آهي.عمران خان خاموش رهڻ جي ضمانت ڏئي پرڏيهه وڃي ٿو يا انقلابي بڻجي ملٽري ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس کي منهن ڏئي ٿو. ايندڙ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو. ملڪ رياض جو مفاد اهو به آهي ته 60 ارب رپين واري ڪيس ۾ عمران خان سان گڏ شريڪ جوابدار آهي. عمران خان پرڏيهه هليو ويو ته ملڪ رياض آسانيءَ سان ڏيتي ليتي ڪري پاڻ کي آجو ڪرائي ويندو.