علي گوهر مهر، راجا مهر ۽ حاجي خان مهر تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
ميرپورماٿيلو: (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اَي اڳواڻ علي گوهر مهر، سندس ڀاءُ پ پ ايم پي اي راجا مهر ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر تي وڪيل قمبر شاهه مٿان حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. حاجي خان مهر ۽ ٻيا ميرپورماٿيلي جي عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊيشنل سيشن جج سميع الله قريشي جي عدالت وڪيل قمبر شاهه جي درخواست تي مهر سردارن، ايس ايڇ او ذوالفقار مهر سميت 35 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڪيل قمبر شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته مهر سردارن جي چرچ تي حادثي ۾ کيس مارائڻ جي ڪوسش ڪئي وئي جڏهن ته سندس پٽ سيد قاسم علي شاهه کي پڻ اغوا ڪيو ويو آهي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت حڪم ڏنو ته جوابدارن علي گوهر خان مهر، حاجي خان مهر، راجا خان مهر، انور مهر، گامڻ گبول، ايس ايڇ او ذوالفقار مهر، ايس ايس پي گهوٽڪي جي ريڊر ابوبڪر بگول سميت 35 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.