My WordPress Blog

  ”سٺ اربن جي چور نوجوان ڪارڪنن کي تخريبڪار فورس بڻايو“

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته خوف جو بت خوف خدا اختيار ڪرڻ سان ٽٽندو آهي، شهيدن جا مجسما ٽوڙڻ سان ناهي ٽٽندو. لاهور ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي مريم نواز چيو ته معاشري کي ”تخريبڪار“ جي تخريبڪاري جي اثرن کان پاڪ ڪرڻو آهي، 60 اربن جي چور نوجوان ڪارڪنن کي تخريب ڪار فورس بڻايو. هن چيو ته 9 مئي نوجوان نسل ۽ پاڪستان کي وڙهائڻ جي سازش هئي، رٿابندي تحت نوجوانن جي ذهن ۾ زهر ڀريو ويو، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هٿياربند جٿن کي پاڪستان تي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو. سندس چوڻ هو چاهيان ٿي ته ملڪ جي پٽن ۽ ڌيئرن جي تعمير پاڪستان فورس ٺاهيان، مستقبل ۾ نوجوان قيادت سامهون آڻينداسين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.