My WordPress Blog

سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن جنهن تحت ساجد سدوزئي کي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کي شڪارپور بدلي ڪيو ويو. ڊاڪٽر فرخ رضا کي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ بشير بروهي کي ايس پي آپريشن ون سي ٽي ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. عرفان سمون کي ضلعي ڪشمور ۾ بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران قريشي کي بدلي ڪري اي آءِ جي ايسٽ مئنيجمينٽ سي پي او مقرر ڪيو ويو آهي. عابد بلوچ کي ايس ايس پي سانگهڙ ۽ زهره پروين کي ايس پي ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ پوليس جي محرر علي کي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.