My WordPress Blog

بلين ٽري سونامي منصوبي جي سربراهه ملڪ امين اسلم به پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير ۽ بلين ٽري سونامي منصوبي جي سربراهه ملڪ امين اسلم به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ امين اسلم چيو ته هن وقت هڪ ايجنڊا پارٽي کي هاءِ جيڪ ڪيو، ان تي پارٽي کي جوابده ٿيڻو پوندو. هن چيو ته ٽي وي تي سڀ ڪجهه ڏسي سڪتي ۾ اچي ويس، هاڻ ان ايجنڊا سان وڌيڪ نٿو هلي سگهان، اها ايجنڊا جيڪي به ماڻهو ٺاهي رهيا آهن اهي سڄڻ ناهن، اهي ان جماعت کي اونهي کاهيءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ آيا آهن. سندس موجب جتي جتي جلوس ڪڍيا ويا، انهن جو ٽارگيٽ فوجي ملڪيتون هيون، اها ايجنڊا دشمن جو خواب پورو ڪري رهي آهي، 9 مئي تي پارٽي ڪارڪنن قانون هٿ ۾ کنيو، پارٽي ليڊر شپ کي ان جي انڪوائري ڪرائڻ گهرجي ها. واضح رهي ته ملڪ اسلم پي ٽي آءِ جي دور ۾ ماحوليات بابت وزير رهي چڪو آهي ۽ هو بلين ٽري سونامي منصوبي جو سربراهه به هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.