اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت شاهه محمود قريشي جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب طاهر ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه به ٿئي، توهان کي ٻڌائي رهيا آهيون ته ٺيڪ نه پيو ٿئي، ڪو ڪمپرومائز نه ٿيندو، جيڪو ملوث هوندو ان کي سزا ڏينداسين، جيڪي ساڙيا ويا اهي پاڪستان جا ۽ اسان جا اثاثا آهن پر عورتن کي ائين نه پڪڙيو وڃي، قانون تي عملدرآمد ٿيندو. آءِ جي اسلام آباد چيو اسان ڏٺو آهي ته گهريلو عورتن پنهنجي مڙسن کي به قتل ڪيو آهي، گهريلو عورتون ڪجهه ٻين سرگرمين ۾ ملوث ٿي سگهن ٿيون. عدالت چيو هڪ ڳالهه ياد رکو، اسان جي عدالت مان آزادي کانپوءِ ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو ته وڏو مسئلو ٿيندو، اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي ته سخت نتيجا هوندا، توهان قانوني ڪارروائي ڪيو پر اهو ڇا ته توهان گهريلو عورتن کي ئي گرفتار ڪري ورتو، اسان شهريار آفريدي جي گهرواري جو حلفي بيان وٺي کيس آزاد ڪري رهيا آهيون. پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي ۽ شهريار آفريدي جي گهرواري جي به آزادي جو حڪم ڏنو.