My WordPress Blog

آرمي چيف کي هٽايو، صدر کي عمران جو حڪم

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  صدر عارف علوي 11 مئي تي جڏهن پوليس لائين ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي ته صدر علوي کي عمران خان  چيو هو ته اوهان سپريم  ڪمانڊر آهيو، آرمي چيف کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.. ان ڪارروائي ۾ اوهان کي سسٽم مان ڀرپور مدد ملندي گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي اهو ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ عمران خان صدر عارف علوي کان ناراض هو. عمران خان ايڏو بي احتياط قسم جو ماڻهو آهي جو کيس اهو احساس به نه رهيو ته هو پوليس لائين ۾ اعليٰ عدالت جو مهمان آهي. غير ذميواريءَ  جي عمران خان حد پار ڪندي هڪ اداري جي گهر ۾ ويهي ايڏي وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي جيڪا ذاتي گهر ۾ ڪندي به انسان ڏهه ڀيرا سوچيندو آهي. صدر علوي کي عمران اهو به چيو ته هڪ ئي ماڻهون آرمي چيف آهي جيڪو مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. ان کي اوهان هٽايو ته باقي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا پر صدر علوي انتهائي مهذب انداز ۾ معذرت ڪري هليو ويو هو. اهڙي رپورٽ به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملي چڪي آهي. ان رپورٽ ملڻ کانپوءِ ئي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو غير معمولي اجلاس گهرائي سخت فيصلا ڪيا ويا هئا. جنهن کانپوءِ عمران خان جو هر گذرندڙ ڏينهن گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.