My WordPress Blog

9 مئي تي قوم لاءِ شرمندگي آڻيندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: آرمي چيف

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي جي اونداهي ڏينهن تي قوم لاءِ شرمندگي آڻيندڙ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گل نڇاور ڪيا. آرمي چيف قوم جي عظمت، عزت ۽ وقار لاءِ شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، شهيد پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرڪاري اهلڪارن ۽ عوام لاءِ فخر آهن. هن چيو ته منصوبابندي سان ڪيل افسوسناڪ واقعن جي ٻيهر اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستاني عوام جي دلين ۾ شهيدن جو عظيم مقام سدائين قائم رهندو، شهيد پاڪ فوج جي رينڪ اينڊ فائل لاءِ فخر جو سبب آهن. سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي اونداهي ڏينهن تي قوم لاءِ شرمندگي آڻيندڙ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي سدائين اول رکندا آهيون، مستقل طور تي شهيدن جي عظيم قربانين کي انتهائي عزت ۽ وقار سان ڏسون ٿا. پاڪ فوج جي سربراهه ماتحت فارميشنز جي محنت، لڳاءَ، بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.