چوڌري شجاعت پي ٽي آءِ تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو
لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين حڪومت کان پي ٽي آءِ تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ هائوس کان لاهور پريس ڪلب تائين پاڪ فوج سان يڪجهي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي پلي ڪارڊ ۽ بئنر کنيل هئا، جن تي پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته 9 مئي تي جيڪو ٿيو، اهو 75 سالن ۾ ڪڏهن نه ٿيو، انهن جي پاليسي ملڪ دشمن آهي، ماڻهن کي اهڙن اڳواڻن جي ڳالهه نه مڃڻ گهرجي، غلط ڪم ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ان معاملي تي سڀ جماعتون هڪ آهن، ڪا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي هڻي.