My WordPress Blog

پوليس گهر جو گهيرو ڪري چڪي آهي، گرفتاري کان اڳ شايد هي آخري ٽوئيٽ هجي: عمران خان

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پوليس منهنجي رهائشگاهه جو گهيرو ڪري چڪي آهي. ٽوئيٽر جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته منهنجي ايندڙ گرفتاري کان اڳ شايد هي منهنجو آخري ٽوئيٽ هجي، ڇو ته پوليس منهنجي رهائشگاهه جو گهيرو ڪري چڪي آهي. هوڏانهن لاهور ۾ پوليس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي زمان پارڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ رستا بند ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته زمان پارڪ جي ڀرپاسي ڪهڙي وقت به آپريشن ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته پنجاب حڪومت زمان پارڪ ۾ موجود شرپسندن کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ ڊيڊ لائن ڏني آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.