My WordPress Blog

عدالت فردوس شميم کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

0

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي سميت 14 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو . ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ احتجاج ۽ وڳوڙن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پوليس فردوس شميم نقوي سميت ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۽ ٻي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ٻن جوابدارن جا بيان جڊيشل مئجسٽريٽ جي روبرو رڪارڊ ڪرائڻا آهن. ايندڙ ٻڌڻي سميت جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي فردوس شميم نقوي سميت 14 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ان کانسواءِ عدالت جاچ آفيسر ۽ پراسڪيوشن کان 19 مئي تي جواب طلب ڪندي ورتو  آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي وڪيلن جوابدارن جي ضمانت جي درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.