My WordPress Blog

عامر محمود ڪياني پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ عامر ڪياني پي ٽي آءِ جي بنيادي رڪنيت تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس جو واقعو افسوسناڪ آهي، پاڪستان بحران ۾ آهي، پي ڊي ايم جون مهربانيون آهن. هن چيو ته منهنجو پاڪ فوج سان ويجهو لاڳاپو آهي، منهنجو عمران خان سان واسطو رهيو آهي، وڏي عرصي کان لاهور ناهيان ويو، اسان اداري ۽ رياست جو حصو آهيون. سندس موجب 9 مئي جي واقعن مون کي ذاتي طور تي تڪليف پهچائي، مان ڪڏهن فوج خلاف ڪو بيان نه ڏنو، اسان جي بقا الله کانپوءِ فوج سان جڙيل آهي، جوان شهادتون ڏئي رهيا آهن، سڀ کان اڳ ۾ فوج کي هٽ ڪيو ويو، سياست ان لاءِ ڪري رهيا آهيون ته ادارن کي به ملوث ڪري ڇڏيون ڇا؟عامر ڪياني چيو صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو سياست ۾ شامل نٿو رهي سگهان، مان هاڻ سياست نه ڪندس، مون تي ڪو دٻاءُ ناهي، انساني حقن بابت ماڻهن جون جيڪي خدمتون ٿي سگهيون ڪندس. واضح رهي ته عامر محمود ڪياني اين اي 61 تان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊيو هو، سندس شمار عمران خان جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو آهي، هو پي ٽي آءِ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ نارٿ پنجاب جو صدر به رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.