My WordPress Blog

شيرين مزاري ۽ فلڪ ناز ڪيس مان ڊسچارج، گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ۽ سينيٽر فلڪ ناز کي ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ شيرين مزاري ۽ فلڪ ناز کي پيش ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻن کي ترنول ٿاڻي ۾ قتل جي قدمن ۽ هٿيار لوڏڻ جي قلمن تحت داخل ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت شيرين مزاري ۽ فلڪ ناز کي ڪيس مان ڊسچارج ڪندي کين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت شيرين مزاري ۽ سينيٽر فلڪ ناز خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.