My WordPress Blog

حڪومت جو ڪرپٽو ڪرنسي جي حوالي سان اهم فيصلو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪرپٽو ڪرنسي جي روڪٿام لاءِ انٽرنيٽ تي ڪرپٽو ڪرنسي سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اختيارين ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ آءِ ٽي وزارت ڪرپٽو ڪرنسي بند ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي کي ڪڏهن به ليگل نه ڪيو ويندو، فيٽف به شرط لڳايا آهن، ڪرپٽو ڪرنسي جي اجازت نه ڏني ويندي. اسٽيٽ بئنڪ اختيارين موجب ڪرپٽو ڪرنسي مارڪيٽ 2.8 ٽريلين ڊالر مان گهٽ ٿي 1.2 ٽريلين ڊالر رهجي وئي آهي، ڪرپٽو ڪرنسي هاءِ رسڪ آهي، جيڪا رڳو هوائي ڪرنسي آهي، ڪرپٽو ڪرنسي ۾ فراڊ آهي، پاڪستان ۾ ڪڏهن ان جي اجازت نه ڏني ويندي. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته پاڪستان مان اربين ڊالر ڪرپٽو ڪرنسي ۾ انويسٽ ٿيا. اسٽيٽ بئنڪ اختيارين ٻڌايو ته ڪرپٽو ڪرنسي ۾ پاڪستاني انويسٽمينٽ تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري رهي آهي، ڪرپٽو جي 16 هزار کان وڌيڪ ڪرنسي ٺهي چڪي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.