جناح هائوس تي حملو، جهانگير ترين به خاموشي ٽوڙي ڇڏي
لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جهانگير ترين چيو آهي ته مان ڪڏهن سوچيو به نه جناح هائوس تي ائين ٿي سگهي ٿو، جن قومي اثاثن سان ائين ڪيو، انهن کي انجام تي پهچائڻ گهرجي. جهانگير ترين لاهور ۾ جناح هائوس جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته تشدد جي سياست تي پابندي هجڻ گهرجي، اسان جناح هائوس جو دورو ڪيو ۽ ڏٺو ته هتي ڇا ڪيو ويو، افسوس کان وڌيڪ ڏک آهي، جن جناح هائوس جو اهو حال ڪيو، انهن کي انجام تي پهچائڻ گهرجي. هن چيو ته مان تحريڪ انصاف سان 10 سال گڏ رهيس، ايترو وقت ان ڪري ڏنو ته ملڪ کي بهتر بڻائي سگهجي، مان سڄي زندگي پاڪستان ۾ گذاري پر ڪڏهن اهڙو واقعو نه ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي سزا ٿي، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو پر ڪنهن به اهو سوچيو نه ئي ڪيو،سندس چوڻ هو ته اهو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي، عمران خان سان ٻه سال اڳ دوستي ختم ٿي وئي، جڏهن ته حملو ڪندڙ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن هئا.