بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگردي مارجي ويا
راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرن کي مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بنون جي علائقي جاني خيل ۾ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا، سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، معصوم شهرين خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.