چيف جسٽس ”گڊ ٽو سي يو“ تي وضاحت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته مان هر ڪنهن کي چوندو آهيان توهان کي ڏسي خوشي ٿي پر ان تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ سول ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وڪيل اصغر سبزواري سان مڪالمو ڪيو ته توهان کي ڏسي خوشي ٿي، گهڻي وقت کانپوءِ توهان منهنجي عدالت آيا آهيو. چيف جسٽس چيو ته توهان کي ڏسي خوشي ٿي، مان اهو هر ڪنهن کي چوندو آهيان، مون کي ”گڊ ٽو سي يو“ چوڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته مان هر هڪ کي احترام ڏيندو آهيان، ادب ۽ اخلاق ته سڀني لاءِ ضروري آهي، ادب ۽ اخلاق بنا مزو ناهي. واضح رهي ته گرفتاري کانپوءِ عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي چيف جسٽس کيس چيو هو ته ويلڪم خان صاحب! توهان کي ڏسي خوشي ٿي. چيف جسٽس جي ريمارڪس تي سياسي اڳواڻن طرفان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.