My WordPress Blog

پي ڊي ايم ڌرڻو، وزيراعظم نااهلي کان بچي ويو

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پي ڊي ايم جي ڌرڻي سبب وزيراعظم شهباز شريف تان نااهليءَ جي تلوار هفتي  لاءِ هٽي وئي آهي. نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس سميت 3 رڪني هم خيال بئنچ جو رويو ماضيءَ جيان ڪاوڙ وارونه هو، جج انتهائي ٿڌا هئا. ملڪ جي حالتن تي به فڪر  مند هئا. 21 ارب رپين جو ته ذڪر به نه ڪيو ويو. چيف جسٽس چوندو رهيو ته ٻاهر ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي، ان جو اشارو پي ڊي ايم جي ڌرڻي طرف هو. امڪان هو ته وزيراعظم خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿيندا پر پي ٽي آءِ جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.