My WordPress Blog

قومي اسيمبلي ۾ توهين پارليامينٽ بل 2023 منظور

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي توهين پارليامينٽ بل 2023 منظور ڪري ورتو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ راڻا قاسم نون توهين پارليامينٽ بل 2023 منظوري لاءِ پيش ڪيو. بل جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته توهين پارليامينٽ (سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي) بل تمام اهم قانون سازي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي رولز ۾ به ترميم ڪرڻ گهرجي، آفيسر پارليامينٽ ميمبرن جون ڪالز ناهن ٻڌندا،  هر اداري جي توهين جو ڪو نه ڪو قانون آهي، اڳ توهين پارليامينٽ تي ڪو قانون نه هو، هاڻ اسان کي پارليامينٽ جي ڪميٽين جي توهين به قبول ناهي. ايوان توهين پارليامينٽ بل 2023 منظور ڪري ورتو، جنهن تحت پارليامينٽ يا ان جي ڪنهن ڪميٽي جي توهين يا ڪنهن ايوان يا ميمبر جو حق مجروح ڪرڻ تي سزا هوندي. ايوان يا ايوان جي ڪنهن ڪميٽي جي حڪمن يا هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ تي، ڪنهن ميمبر، ايوان يا ڪميٽي جو حق ٽوڙڻ تي اهو قانون لاڳو هوندو. ڪميٽي سامهون ڪوڙو بيان يا ثبوت يا رڪارڊ فراهمي کان انڪار، ڪنهن شاهد کي ڌمڪين يا طاقت ذريعي ڪميٽي سامهون ثبوت پيش ڪرڻ يا بيان ڏيڻ کان روڪن واري تي به اهو قانون لاڳو هوندو. ايوان رٿ ذريعي توهين جو معاملو ڪميٽي کي موڪليندو، بل تحت توهين پارليامينٽ تي مختلف سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. پارليامينٽ جي توهين تي ڪنهن به حڪومتي يا رياستي عهديدار کي طلب ڪري سگهبو. قومي اسيمبلي سيڪريٽري ڪنٽمپٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري به هوندو، شڪايتن جي رپورٽ تي ڪميٽي اسپيڪر يا سينيٽ چيئرمين کي سزا تجويز ڏندي، اسپيڪر يا سينيٽ چيئرمين لاڳاپيل فرد تي سزا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهندا. سزا خلاف ايوان جي گڏيل ڪميٽي کي اپيل ڪري سگهبي، 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جون سزائون بل ۾ تجويز ڪيون ويون آهن. توهين پارليامينٽ ڪميٽي 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جيڪا جوڙڻ جي منظوري قومي اسيمبلي اسپيڪر ڏيندو. توهين پارليامينٽ جي سزا خلاف 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق هوندو، سزا کي ڪنهن عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو، اپيل رڳو لاڳاپيل ڪميٽي سامهون ئي ٿي سگهندي. توهين پارليامينٽ ڪميٽي وٽ سول ڪورٽ جو اختيار هوندو، ڪميٽي عدم پيشي تي ڪنهن به شخص جا سمن ۽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهندي، گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي منظوري ضروري هوندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.