فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي منظوري
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي جي دهشتگرد واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ شرپسندن خلاف ڪيسن لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي. محسن نقوي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي اصل ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ سمورا سيڪيورٽي ادارا گڏجي ڪم ڪن.