توهان ڌاڙا هڻندڙ ڪيترن ڏوهارين کي ”گڊ ٽو سي يو“ چوندا آهن؟ مريم جو چيف جسٽس کان سوال
لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيف جسٽس طرفان ”گڊ ٽو سي يو“ جي ريمارڪس جي وضاحت تي به کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز سوال ڪيو ته اربن جا ڌاڙا هڻندڙ ڪيترن ڏوهارين کي توهان گڊ ٽو سي يو چوندا آهيو؟ هر هڪ کي رجسٽرار کان فون ڪرائي مرسڊيز به گهرائي رخصت ڪندا آهيو؟هن سوال ڪيو ته هر هڪ کي جيل مان ريسٽ هائوس به شفٽ ڪندا آهيو؟ سڀني تي ائين ئي رمانڊ ۾ ضمانتن جو مينهن وسائيندا آهيو؟ سڀني کي چوندا آهيو ته 10 فيملي ميمبرز کي گهرايو، ڪچهري ڪيو ۽ سمهي پئو؟واضح رهي ته ان معاملي تي چيف جسٽس وضاحت ڏيندي چيو آهي ته مان اهو هر ڪنهن کي چوندو آهيان، مون کي ”گڊ ٽو سي يو“ چوڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.