اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فواد چوڌري جي آزادي جو حڪم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ به کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. آزادي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان کي هڪٻئي کي گنجائش ڏيڻي پوندي، سمجهان ٿو ته هر ڌر طرفان صبر جو مظاهرو ٿيڻ گهرجي، ڳالهين ذريعي ڪو حل ڪڍڻ گهرجي، هي ملڪ پابندين کي برداشت نٿو ڪري سگهي. گفتگو کانپوءِ فواد چوڌري ٻاهر وڃڻ لاءِ گيٽ تي پهتو مس ته پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي خوف کان هو ڊڪندو ٻيهر عدالتي ڪمري ۾ پهتو، ان دوران هو ڪِري به پي.