پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو، فضل الرحمان ۽ مريم نواز به شريڪ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي اتهاد پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز به پهچي وئي آهي. حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن جا ڪارڪن احتجاج ۾ شرڪت لاءِ صبح سان ئي اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخل ٿي سپريم ڪورٽ ٻاهران پهچي ويا، پي ڊي ايم ڪارڪن نعرا هڻندي عدالت عظميٰ جي ٻاهران پهتا، جتي ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس اختيارين احتجاج ڪندڙن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج لاءِ ايندڙ ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري اڳ ئي الرٽ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته صورتحال کي ڏسندي شاهراهه دستور کي به عارضي طور تي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس جي ترجمان طرفان پي ڊي ايم ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي گيٽ تي پهچندڙ ڪارڪن نعريبازي ڪري رهيا آهن، پوليس کين پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ته آهي ته دهشتگردي جا خدشا موجود آهن. ڌرڻي دوران سپريم ڪورٽ سامهون احتجاج لاءِ ٽي اسٽيجون لڳايون ويون آهن، پ پ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ طرفان ڌار ڌار اسٽيجن تي ڪارڪن ڀرپور احتجاج ڪري رهيا آهن.