My WordPress Blog

پي ٽي آءِ هر اداري تي حملو ڪيو، رياست کي هاڻ هڪ ٿي جواب ڏيڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان وٺي اعليٰ عدليا تائين سڀني عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ڪنهن جي ايڇ ڪيو ۽ جناح هائوس سان يڪجهتي جو اظهار نه ڪيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توهان کي ڏسي سٺو لڳو چوڻ بدران عدالت کي عسڪري جماعت جي مذمت ڪرڻ گهرجي ها، دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ها، خان صاحب کي موقعو ڏنو وڃي ها ته فيصلو ڪري سندس جماعت سياسي آهي يا دهشتگرد، رياست کي هاڻ هڪ ٿي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها هڪ واحد سياسي جماعت آهي، جنهن هر اداري تي حملو ڪيو، شروعات پارليامينٽ کان ٿي، پوءِ انصاف جي ادارن تي تنقيد ڪئي وئي، حڪومت ۾ آيا ۽ سليڪٽڊ راڄ قائم ڪري آءِ ايس آءِ کي استعمال ڪيو ۽ پنهنجا مفاد ڪڍيا، ان وقت سوموٽو وٺي عمران خان کي عدالت طلب ڪرڻ گهرجي ها پر سوموٽو ان وقت ياد ايندو آهي، جڏهن اسان حقيقي صورت ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ جا قدم کڻندا آهيون. سندس چوڻ هو ته سڀني پهريون ڀيرو ڏٺو ته ڪور ڪمانڊر هائوس کي ساڙيو ويو، جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو ويو، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ساڙيو ويو، ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي باهه ڏني وئي، اسان ملڪ خاطر بينظير ڀٽو جو لاش ڪلهي تي کنيو پر ڏڦيڙ ٿيڻ نه ڏنو. پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن بينظير جلا وطني ختم ڪري واپس آئي ته ان وقت سندس آجيان لاءِ 30 لک ماڻهو گڏ هئا، ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو جو قاتل ايون صدر ۾ موجود هو، جيڪڏهن ان وقت بينظير ڀٽو عوام کان بدلو وٺڻ جو مطالبو ڪري ها ته سوچيو ملڪ جو ڇا ٿئي ها.

Leave A Reply

Your email address will not be published.