پنجاب ۾ چونڊ بابت اڄ شنوائي ،پي ڊي ايم ڌرڻو، وزيراعظم نااهل ٿيندو؟
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سياسي ۽ عدالتي تاريخ جو اڄ انتهائي اهم ڏينهن آهي. هڪ طرف سپريم ڪورٽ جي هم خيال بئنچ جي حڪم باوجود حڪومت 21 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي نه ڏنا ،ٻئي طرف دفاع واري وزارت چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح عدالت جي هم خيال بئنچ جي حڪم تحت 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊ ممڪن نه بڻجي سگهي، اڄ ان ڪيس جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ هم خيال بئنچ شنوائي ڪندي، اهي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته هم خيال بئنچ وزيراعظم شهباز شريف کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿي سگهن ٿا. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته هم خيال بئنچ جي فيصلن کي پارليامينٽ اهو چئي رد ڪيو آهي ته فيصلو 4 ججن جو قبول آهي. ٽن ججن جو اقليتي فيصلو قبول نه آهي، ان ڪري عدالت توهين عدالت جا نوٽيس صرف وزيراعظم خلاف نه پر پارليامينٽ کي جاري ڪرڻا پوندا. ڇو ته 21 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ وارو بل به پارليامينٽ ئي رد ڪيو آهي. ان ڪري فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو اڪيلو وزيراعظم ذيموار نه آهي. ٻئي طرف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان به اڄ سپريم ڪورٽ آڏو چيف جسٽس سميت هم خيال ججن خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن پ پ، (ن) ليگ ۽ ٻيون پارٽيون به حمايت ڪري رهيون آهن ۽ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان به ڪيو آهي. ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ قافلا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اسحاق ڊار به مولانا فضل الرحما کي درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ بدران ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻو پر مولانا فضل الرحمان سندسن درخواست رد ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد ۾ افواهن جو طوفان آيل آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سيڪيورٽي انتظامن لاءِ اجلاس گهرايو پر پوليس سميت ڪنهن به سيڪيورٽي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. جنهن ڪري ججن ۾ خوف به پکڙيل آهي. هوڏانهن اڄ ئي قومي اسيمبلي اجلاس به سڏايو ويو آهي. ڪنهن اهم شخصيت جي استعيفا ۽ موڪل تي وڃڻ جا افواهه پکڙيل آهن. نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته اڄ ڏنڊا پير ۽ هٿوڙا پير آمهون سامهون آهن، ڪي پي ڪي ۽ ڪوئيٽا سميت وڏن شهرن مان هڪ ڏينهن اڳ ئي اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.