My WordPress Blog

پارليامينٽ جو چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جو فيصلو، رٿ منظور

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف ريفرنس آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال خلاف ريفرنس کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ خاص پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ مختلف جماعتن جا ميمبر شامل هوندا، جڏهن ته ڪميٽي جوڙڻ جو اختيار قومي اسيمبلي اسپيڪر کي ڏنو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف جماعتن جا ميمبر ڪميٽي جي اختيارن بابت مسودو تيار ڪري رهيا آهن ۽ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ اڄ ئي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن قومي اسيمبلي چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.