My WordPress Blog

ملڪ جي تباهي به ججن جي فيصلن سان ٿي آهي، عوام جو سمنڊ ڏسي توهان کي خوشي ٿي؟ مريم نواز

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان جي تباهي به ججن جي فيصلن سان ٿي آهي. پي ڊي ايم ڌرڻي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ عمران خان جي سهولتڪاري ڪندڙن جي ڳالهه ٿيندي، قانون سازي پارليامينٽ جي ذميواري آهي، ان کي روڪڻ توهان جي ذميواري ناهي. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۽ آئين جو احترام ڪندڙ ماڻهو آهيون، ان عمارت کي ايمانداري نه عمران داري داغدار ڪيو، اسان هن جاءِ تي احتجاج ڪرڻ نه چاهيو، هن عمارت سان جمهوريت مضبوط ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي انجام تي پهچائڻ هن عمارت جي ذميواري هئي، 60 ارب رپين جو ڏوهاري جڏهن عدالت ۾ پيش ٿيو ته کيس چيو ويو توهان کي ڏسي خوشي ٿي، ملڪ کي نظريه ضرورت تباهه ڪيو. مريم نواز چيو ته هن ملڪ ۾ 4 ڀيرا جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو، ڇا عدالت ڪنهن آمر کي گهر موڪليو؟ اسان اقليتي فيصلي کي نٿا مڃون، چيف جسٽس صاحب! عوام جو سمنڊ ڏسي توهان کي خوشي ٿي يا نه؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.