My WordPress Blog

فوجي ڪورٽن جو قيام يا دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ اضافو!

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسٽيبلشمينٽ اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ جلد ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نامياري  تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 9  مئي تي رياستي ادارن مٿان حملن ۽ فوج جي اهم عمارتن کي باهيون ڏيڻ تباهه ڪندڙن بابت ڪارروائي تي به غور ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي بحث  هلي رهيو آهي ته عمران خان جو ڪورٽ مارشل ٿيندو پر قانون ۾ خانگي شخصيت خلاف ڪورٽ مارشل جي گنجائش نه آهي. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته فوجي ڪورٽون قائم ڪري رياستي ادارن تي حملا ڪندڙن جا ڪيس هلائي سزائون ڏنيون وڃن ۽ عمران خان خلاف به فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو وڃي. ڪجهه قانوندانن جو خيال آهي ته لاهور جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر سلمان فياض غني جو عمران خان يا پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطن ۽ فيصلن ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت اسٽيبلشمينٽ کي ملي ويا ته پوءِ عمران خان جو به جنرل سلمان فياض غني سان گڏ فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلي سگهي ٿو، 80 فوجي ملازمن خلاف پي ٽي آءِ سان رابطن جي انڪوائري شرو ٿي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.