My WordPress Blog

” عمران خان ۽ سندس ڪارڪنن کي ڪنهن ڳالهه تي شرم اچي اهو ممڪن ئي ناهي“

0

لاهور (  ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا عفت عمر جو شمار پي ٽي آءِ جي نقادن ۾ ٿيندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڪثر مٿس عمران خان جي حمايتن پاران تنقيد ٿيندي رهندي آهي. گذريل ڏينهن مدرز ڊي جي موقعي تي عفت عمر پنهنجي مرحوم امڙر جي تصوير شيئر ڪندي ساڻس محبت جو اظهار ڪيو هو جنهن بعد کيس هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي تنقيد جومنهن ڏسڻو پيو. هاڻي اداڪارا هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪندي پي ٽي آءِ ڪارڪنن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وڊيو ۾ عفت عمر جو چوڻ آهي ته مدرز ڊي جي موقعي تي هن پنهنجي ماءُ جي تصوير اَپ لوڊ ڪري مدرز ڊي وش ڪيو هو پر پي ٽي آءِ ڪارڪن ايترا ظالم ۽ پنهنجي ساک وڃائي چڪا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو دماغي توازن سندن ليڊر ( عمران خان ) ايڏو بگاڙي ڇڏيو آهي جو کين اهو به شرم نٿو اچي ته ڪنهن جي ماءُ جي پوسٽ کي ته ڇڏي ڏيڻ گهرجي. اداڪارا چيو ته اوهان ماڻهو ڀلي مون کي نه بخشيو، منهنجي مڙس ايستائين جو منهنجي اولاد کي به نه بخشيو، پر ماءُ اهڙي هستي آهي جنهن تي سڀني کي شرم اچي ويندو آهي پر عمران خان ۽ سندس سپورٽرن کي ڪنهن ڳالهه تي شرم اچي وڃي اهو ناممڪن آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.