My WordPress Blog

”عمران خان کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي ها“

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض چيو آهي ته تحريڪ انصاف جيڪو ملڪ سان ڪيو، اهو اڄ تائين ڀارت يا طالبان به نه ڪري سگهيا، عمران خان کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي راجا رياض چيو ته عمران خان ۽ ان جي ساٿين اهو ڪم ڪيو، جنهن سان سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، اڄ سڄو ايوان شرمندو آهي، جيڪي جهاز ڀارت نه ڪيرائي سگهيو، اهي شرپسندن ساڙي ڇڏيا. هن چيو ته عمران خان فتنو آهي، ڏڦيڙ آهي، هن ۽ سندس ساٿين ادارن خلاف مهم هلائي، ڪڏهن رمانڊ ۾ ڪنهن کي ضمانت ملي آهي؟ لاڏلي کي رمانڊ دوران عزت ۽ احترام سان گيسٽ هائوس موڪليو ويو، عمران خان کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي ها. سندس چوڻ هو ته عمران خان خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي، ملڪ دشمنن کي جيڪڏهن لغام نه ڏنو ويو ته اهي پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ ڪجهه به ڪندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.