My WordPress Blog

علي زيدي هڪ مهيني لاءِ نظربند، جيڪب آباد جيل منتقل

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي جيڪب آباد جي جيل منتقل ڪيو ويو. صوبائي گهرو کاتي موجب تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر علي زيدي 30 ڏينهن لاءِ نظربند آهي ۽ ان جي ڪسٽڊي جيڪب آباد جيل سپرنٽينڊنٽ حوالي ڪئي وئي آهي. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ايم پي او ٿري تحت علي زيدي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا ويا، مٿس ماڻهن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڌرڻي لاءِ اڪسائڻ جو الزام آهي. گهرو کاتي موجب علي زيدي کي آءِ جي سنڌ جي سفارش تي نظربند ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.