سپريم ڪورٽ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي تجويز ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اڄ ڏسي ڇڏيو وفاقي حڪومت بي وس آهي، ماڻهو دَر ٽپي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ ٻاهران جيڪو ٿي رهيو آهي ڪير آئين تي عمل ڪرائيندو؟ ڌريون ٻيهر ڳالهيون شروع ڪن. پنجاب ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر بئنچ ۾ شامل آهن. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فنڊن ۽ سيڪيورٽي جو مسئلو اڳ ۾ اليڪشن ڪميشن ٻڌايو هو، اڄ ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي اختيارن جي دائري تي سوال اٿاري رهي آهي، نظرثاني درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ٿا ڇڏيون. چيف جسٽس سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي دليلن لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟ وڪيل جواب ڏنو ته مون کي 3 کان 4 ڪلاڪ کپن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان سڀني ڌرين کي ٻڌنداسين، اها هڪ نظرثاني درخواست آهي، وفاقي حڪومت کي نظرثاني ۾ اچڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي نظرثاني جي گنجائش آئين ۾ ڏني وئي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي، ٻاهر ڏسو انسٽاليشنز کي باهه ڏني پئي وڃي، ڪجهه ڏينهن کان جيڪو ٿي رهيو آهي ان کي به ڏسو، چونڊون جمهوريت جو بنياد آهن، اسان سڀ هڪ فرض جي اميد ٿا ڪيون، جيڪو سڀني کي نڀائڻو آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل کي ٻاهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪو بيانيو ٻنهي طرفان ٺاهيو پيو وڃي، ان کي حل ڪيو، اميد ٿا ڪيون ته ٻيهر ڳالهيون شروع ٿينديون ۽ ڪو حل نڪرندو. عدالت عظميٰ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.