My WordPress Blog

سرڪاري ۽ فوجي ملڪيتن تي حملا، پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهراءُ منظور

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ، سرڪاري ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جناح هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ٻين سرڪاري ملڪيتن تي حملن جي مذمت ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن کي منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان حڪومت کان مطالبو ٿو ڪري ته ڄاڻايل سياسي جماعت ۽ ان جي ڏڦيڙي اڳواڻن خلاف قانون موجب سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي، ايوان اهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. ٺهراءَ موجب شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ تي حڪومت کان مطالبو ڪجي ٿو ته اهڙن عنصرن ۽ شرپسند اڳواڻن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ايوان پنهنجي بهادر فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.