My WordPress Blog

ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو وڏي لاٿ

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو وڏي لاٿ اچي وئي. خميس ڏينهن ڪاروبار جي شروعات کان ئي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڊالر 299 رپين تي پهچي ويو. جمعي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه اوچتو گهٽجي ويو ۽ ڊالر 10 رپيا 93 پئسا سستو ٿي 288 رپين جو ٿي ويو. ڪاروبار دوران ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ لاٿ آئي ۽ ڊالر مجموعي طور 14 رپيا سستو ٿي 284 رپيا 90 پئسن جو ٿي ويو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 289 رپين جو ٿي ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.