چيف جسٽس جي عمران خان سان مڪالمي تي نواز شريف جو ردعمل
لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت ريمارڪس تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي چيف جسٽس تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان مڪالمو ڪندي چيو هو ته ”ويلڪم خان صاحب! توهان کي ڏسي خوشي ٿي“.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو آهي ته چيف جسٽس عمران خان کي اهو ته چيو توهان کي ڏسي خوشي ٿي، اهو به چئي ها ته توهان 60 ارب رپيا لُٽي آيا آهيو، توهان سان ملي وڏي خوشي ٿي. صحافي جي سوال تي نواز شريف جواب ڏنو ته ”گڊ لڪ ود يور 60 بلين روپيز“.