My WordPress Blog

چيف جسٽس، عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو: وزيراعظم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي لاڏلي جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو معاملو آهي پر عدليا عمران خان جي تحفظ لاءِ ڀِت بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته ملڪ ۾ موجود سڀني چورن کي ڇڏي ڏيو. هن چيو ته ميان نواز شريف جو روز ٽرائل ٿيندو هو، ڪاش عدليا نواز شريف کي به چئي ها ته توهان کي ڏسي سٺو لڳو پر هي ٻٽو معيار آهي، جنهن انصاف جو جنازي ڪڍي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان فاشسٽ ڊڪٽيٽر آهي، جيڪو دعا ڪري رهيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي، چيف جسٽس عمران خان جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيو آهي، حڪومت آئين تي سختي سان عمل ڪندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.